سگھڙن جي ڊائريڪٽري

سگھڙن جي ڊائريڪٽري

سگھڙن جي ڊائريڪٽري

سگھڙن جي ڊائريڪٽري (ڪتاب): هي ڪتاب مشهور محقق ۽ اديب عبدالله ورياهه مرتب ڪيو آهي، جيڪو ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي لوڪ ادب اسڪيم جو حصو آهي. هن ڪتاب ۾ لوڪ ادب جي صنفن لوڪ داستان، لوڪ گيت، مولود، مناجات، ڳجھارت، هنر، ڏور، سينگار ۽ بيت وغيره چوندڙ حيدرآباد، سانگھڙ، سکر،
جيڪب آباد، دادو، نوشهري فيروز، سکر، خيرپور، شڪارپور، نواب شاهه ۽ لاڙڪاڻي جي 200 کن سگھڙن جا فوٽن سميت تعارف ڏنل آهن. ان سان گڏ سندس سگھڙپائيءَ جو هڪ اسم پڻ ڏنل آهي.
سادي ٽائيٽل سان 158 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 25 روپيا آهي. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1991ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو